سنڌ جي سياسي جدوجهد

سنڌ جي سياسي جدوجهد

سنڌ جي سياسي جدوجهد

سنڌ جي سياسي جدوجهد (1843-1936ع) (ڪتاب): هي ڪتاب ڊاڪٽر محمد لائق زرداريءَ جو لکيل آهي، جنهن ۾ 1843ع کان 1936ع تائين جي سنڌ جي سياسي تاريخ بيان ڪئي وئي آهي. ڪتاب پنجن بابن ۽ ٽن ضميمن ۾ ورهايل آهي. پهرئين باب ۾ سنڌ جي تاريخي پس منظر کان پوءِ سنڌ ۾ انگريزن جي آمد، حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ خيرپور جي ميرن، انگريزن جي سنڌ تي قبضي ۽ ميرن جي نظام حڪومت تي بحث ڪيو ويو آهي. ٻئي باب ۾ 1857ع جي جنگ آزادي ۽ سنڌ، انقلاب جي سببن، هندستان ۾ پهرين مارشلا ۽ جنگ آزاديءَ جي ناڪاميءَ جا سبب بيان ڪيا ويا آهن. باب ٽئين ۾ ٻي انقلابي جدوجهد ۽ سنڌ، انقلاب جو منصوبو، عارضي حڪومت جو نقشو، بيروني ملڪن ۾ منصوبه بندي، مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي ڪابل، ماسڪو، استنبول، مڪه معظمه جي دورن ۽ سنڌ واپسيءَ تائين جا موضوع بحث هيٺ آندا ويا آهن. باب چوٿين ۾ خلافت تحريڪ، الوحيد اخبار جي اجراء، بمبئي خلافت ڪانفرنس، عدم تعاون تحريڪ، جميعت العلماء سنڌ، هجرت تحريڪ ۽ خلافت جو خاتمو بيان ڪيو ويو آهي. پنجين باب ۾ سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ جي تحريڪ جو پسمنظر، لنڊن گول ميز ڪانفرنس، مختلف ڪميٽين، سنڌ آزاد ڪانفرنس ۽ ڊو ڪاميٽيءَ جي رپورٽ ۽ سنڌ صوبي جو اعلان جا موضوع شامل آهن.
هي ڪتاب سنگم پبليڪيشن حيدرآباد، 1983ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ڊيمي سائيز جي 267 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 50 رپيا، جڏهن ته لائبريري ايڊيشن ۽ عام ايڊيشن جي قيمت 30 روپيا ڄاڻايل آهي.


لفظ سنڌ جي سياسي جدوجهدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو